اميشا پٽيل

اميشا پٽيل

اميشا پٽيل

اميشا پٽيل: بالي ووڊ جي مشهور خوبصورت اداڪاره اميشا پٽيل جو پيءُ گجراتي ۽ ماءُ سنڌياڻي آهي. هيءَ 9 جون 1975ع ۾، ممبئيءَ ۾ ڄائي ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين ۽ آمريڪا مان گرئجوئيشن ڪيائين . هن 2000ع کان فلمي دنيا ۾ پير پاتو. هيءَ پنهنجي پهرين فلم ’ڪهو نا پيار هئي‘ ۾ ’هرتڪ روشن‘ سان هيروئن طور آئي هئي، جنهن جي ڪاميابيءَ کيس اسٽار بنائي ڇڏيو. ان کانپوءِ اميشا پٽيل فلم ’غدار‘ ۾ ڪم ڪيو. تنهن کانپوءِ ’ايڪ پريم ڪٿا‘ ۾ سني ديول سان گڏ آئي. ان کانپوءِ ٻه ٽي سال سندس فلمون ناڪام رهيون، وري 2002ع ۾ فلم ’همراز‘ ۾ اڪشي کنا سان ڪم ڪيائين، جيڪا فلم ڪامياب ٿيڻ سبب، کيس فلم فيئر جو ’بيسٽ ايڪٽريس اوارڊ‘ مليو. اميشا پٽيل جون ٻيون ڪي فلمون هي آهن: (1) ’ڪيا يهي پيار هئي‘، جنهن ۾ سندس هيرو سنڌي اداڪار آفتاب شــوَداسـاڻـي هـو، (2) ’آپ مجهي اڇي لگتي هين‘، (3) يـه هـئــي جـلــوه، (4) منگل پانڊي وغيره.
2006ع کانپوءِ هن جيڪي فلمون ڪيون، انهن ۾ ’ان ڪهي‘، ’آپ ڪي خاطر‘ ۽ ’ريس-2‘ نالي فلمون شامل آهن. هن ڪن تيليگو فلمن ۾ به ڪم ڪيو ۽ هاڻي پروڊڪشن ڏانهن لاڙو رکيو اٿس.
هندستاني اداڪارائن مان اميشا پٽيل کي هندستان جي سڀ کان پرڪشش (sexiest) عورت جو لقب پڻ مليل آهي.


لفظ اميشا پٽيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.06.09  عيسوي

بالي ووڊ جي مشهور خوبصورت اداڪاره اميشا پٽيل جو پيءُ گجراتي ۽ ماءُ سنڌياڻي آهي. هيءَ 9 جون 1975ع ۾، ممبئيءَ ۾ ڄائي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه ولي خان
فهد مصطفيٰ
احمد رضا شاهه جيلاني
راجپال بولچند وسو مل
جمعو فقير جوڙ
سعدالله شيخ
استاد امير علي خان
ويرو ڪولھي
حڪيم ميان شفيع محمد چنا
محمد عباس سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون